پير جهنڊو

پير جهنڊو: جهنڊي وارا پير راشدي خاندان جي هڪ شاخ آهن، پير پاڳاري يا راشدي خاندان جي هن شاخ جو باني پير محمد ياسين هو، جيڪو حرن جي تنظيم جي باني پير صبغت الله شاهه جو ڀاءُ هو. جيئن ته پير محمد ياسين
خاندان کي ”عَلم“ سان گڏ وٺي الڳ ٿي ويو هو، ان ڪري ”پير جهنڊي“ جي نالي سان مشهور ٿيو. هن خاندان جي اڪابرن مان پير محمد ياسين کان پوءِ پير رشيد الدين، پير مرشد الله ۽ پير ضياءُ الدين شاهه خاص طور ذڪر لائق آهن. هن خاندان جا مريد وڏي تعداد ۾ آهن. هن خاندان جي شهرت جو خاص اهڃاڻ سندن ذاتي ڪتب خانو ”پير جهنڊي جو ڪتبخانو“ رهيو آهي. هيءُ ڪتبخانو
پير محمد ياسين ۽ سندن جاءِ نشينن جي علمي ذوق سبب وجود ۾ آيو. هن وقت به هي ڪتبخانو علمي ڪتابن جي وڏي تعداد ۾ موجودگيءَ ۽ خاص ڪري ناياب مخطوطن جي ڪري سڄي دنيا ۾ وڏو مقام رکي ٿو. هن ڪتبخاني ۽ مدرسي ۾ سنڌ جو عظيم محب وطن عالم مولانا عبيدالله سنڌي هڪ وڏي عرصي تائين درس تدريس ڏيندو رهيو.


لفظ پير جهنڊوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو